چڪارو/ چِڪاري

چڪارو/ چِڪاري

چڪارو/ چِڪاري

چڪارو/ چِڪاري (ساز): چڪارو يا چڪاري لوڪ ساز جو هڪ قسم آهي، جيڪو پنجاب ۾ بيت ۽ صدا سان گڏ وڄايو ويندو آهي. هيءُ ساز ڪلاسيڪي ستار جي سادي صورت آهي. هن ۾ مڌم جو سُر نمايان هئڻ ڪري، ان کي مڌم ستار به سڏيو وڃي ٿو. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته هي سازُ ستار جي ابتدائي صورت آهي. چڪارو ساز، ستار کان قد ۾ ننڍو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ چار تارون ٿينديون آهن. جن مان پهرين تار فولاد جي ۽ ٻي تار پتل جي هوندي آهي، جن کي ’جوڙي‘ سڏبو آهي. ٽين تار فولاد جي هوندي آهي، جنهن کي ’پنجم‘ سڏبو آهي، چوٿين تار ٿُلهي پتل جي هوندي آهي، جنهن کي ’گرام‘ سڏبو آهي. چِڪاري جو تنبو، ڪدوءَ جي بدران چوڪور ڪاٺ جو ٿيندو آهي. هن جي ’باج‘ جي تار، شد مڌم تي، ’جوڙي‘ جي تار کرج تي، پنجم جي تار سر پنچم تي ۽ گرام جي تار آس تي يا گرام پنچم تي ٻڌل هونديون آهن. هن جي ڏنڊي تي سِرن وٽ لوهه، پتل يا ڌاڳي جا پـردا يـا سـندريـون ٺـهـيل هونديون آهن. سُندرين کي اڳتي پوئتي ڪري ٺاٺ يا سرگم ورتو ويندو آهي. وڄائڻ وارو آڱر ۾ مضراب وجهي يا ننهن سان تارن کي ڇيڙيندو آهي ۽ ٻئي هٿ جي آڱر سان تارن تي هٿ رکي، مختلف سُـر ڪـڍي راڳ ڳائيـندو آهي. هيءُ ساز پنجاب ۽ ڪشمير ۾ عام آهـي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو